نيويارڪ-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري (او ايڇ سي ايڇ آر) اتر لبن??ن ۾ اسرائيلي فضائي حملي جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته اتر لبن??ن ۾ اها 4 منزله عمارت هئي جنهن تي حملو ٿيو ، جنهن ۾ 22 م??ڻه?? فوت ٿيڻ ج?? اطلاع آهن. هن چيو ته انهن سببن کي ذهن ۾ رکندي اسان کي عالمي انساني قانون جي حوالي سان حقيقي خدشا آهن، تنهن ڪري جنگ جي قانونن، اڻبرابري ۽ اصولن کي نظر ۾ رکندي او ايڇ سي ايڇ آر ان واقعي جي فوري، آزاد ۽ مڪمل جاچ جو مطالبو ڪري ٿو. گذريل ڏينهن اسرائيل جي ان فضائي حملي ۾ 22 م??ڻه?? فوت ٿيا جن ۾ 12 عورتون ۽ 2 ٻار پڻ شامل آهن. آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ لبن??ن ۾ فوتگين جو انگ هن وقت تائين 2200 کان وڌيڪ آهي. وچ اوڀر لاءِ يو اين ايڇ سي آر جي ڊائريڪٽر ريما جيموس امسيس چيو ته اهو انگ صورتحال وڌيڪ ڊرامائي هجڻ سان وڌي رهيو آهي. لبن??ن ۾ هن وقت تائين 1.2 ملين م??ڻه?? بي گهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جي امداد واري رابطا آفيس (او سي ايڇ اي (اوچا) خبردار ڪيو آهي ته متاثر ٿيل سمورا م??ڻه?? ڏهاڪن کان بدترين انساني بحران کي برداشت ڪري رهيا آهن. اوچا هڪ آن لائن پوسٽ ۾ چيو ته صحت جي سهولتن تي حملا عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙي آهن. انهن کي ختم ٿيڻ گ??رج??، شام سان لبنان جي سرحد تي به مايوس ڪندڙ منظرن ج?? اطلاع مليا آهن، جتي هن وقت تائين 283000 کان وڌيڪ م??ڻه?? حفاظت جي ڳولا ۾، اسرائيلي فضائي حملن سبب اتر ش??م ۾ داخل ٿي چڪا آهن، انهن ۾ 70 سيڪڙو شام واسي ۽ تقريبن 30 سيڪڙو لبنان جا رهواسي آهن. ٻئي پاسي غزه ۾ گڏيل قومن جي ٻارن جي فنڊ (يونيسيف)الاقصيٰ اسپتال جي اڱڻ تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري پاران اتر لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ