گڏيل قومون- 10 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان پرڏيهي قبضن ۽ آبهوا ۾ تبديلين سبب متاثر 30 ڪروڙ ماڻهن جي مدد ??اء?? عالمي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آه??. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون جنرل اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ته دنيا کي پيش ايندڙ بحرانن سبب ڪروڙين انسانن کي شديد خطرا لاحق آه??. پاڪستاني سفير پرڏيهي م??ڪن جي قبضي کان وٺي سڄي دنيا ۾ لکين متاثرن جي مدد ۽ تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيش ايندڙ هنگامي صورتحال جي بنيادي ڪارڻن کي حل ڪرڻ تي زور ڀريو. عثمان جدون جنرل اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ته دنيا ۾ 1945ع کان پوءِ تڪرار اهڙيءَ طرح تي پهچي چڪا آه?? جنهن سان تقريبن 308.5 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آه??، جن کي انساني مدد ۽ تحفظ جي ضرورت آه??. پاڪستاني نمائندي خطاب ڪندي عالمي سطح تي هنگامي انساني صورتحال کي م??نهن ڏيڻ ??اء?? گڏيل قومن جي امدادي ايجنسين ۽ عملي خاص طور تي فلسطيني پناهگيرن ??اء?? گڏيل قومن جي ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن نوٽ ڪرايو ته غزه ۾ 3 آڪٽوبر 2023ع کان هاڻ تائين يو اين آر ڊبليو اي جي 228 ميمبرن خدمتون سرانجام ڏيندي پنهنجون جانيون قربان ڪري چڪا آه??. هن گڏيل قومن جي ايجنسي انروا سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون، انصاف بابت عالمي عدالت (آءِ سي جي) مقرر ڪيل عارضي قدمن ۽ 19 جو??اء?? 2024ع جي عدالت جي گڏيل صلاح مشوري جي کلي ڀڃڪڙي ڪندي اين آر ڊبليو اي جي غزه ۾ امدادي ڪارر??اي?? کي ختم ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جي مذمت ڪري ٿو. هن نوٽ ڪيو ته اسرائيلي حڪومت طرفان بي گناهه فلسطينين خلاف جاري ڏاڍ جي ڏوهن سبب فوتگين ۾ واڌ ٿي رهي آه??، جڏهن ته اسپتالن، مسجدن، گرجا گهرن، اسڪولن ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي به نه بخشيو ويو. پاڪستاني نمائندي سمورن ملڪن تي زور ڀريو ته هو فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي فوج جي ڏوهن جي خاتمي ??اء?? فوري قدم کڻي ۽ فلسطيني ڌرتيءَ تي اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي واپس وٺڻ ??اء?? قدم کڻي. هن موسمياتي تبديليءَ کي هڪ غير معمولي چئلينج قرار ڏيندي ويجهڙ ۾ سوڪهڙي، ٻوڏ، طوفان، هيٽ ويوز، وڌندڙ گرمي پد ۽ ٻين شديد موسمي واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن سمورن عملن جي تباهي آڻيندڙ اثرن معاش، خوراڪ جي عدم تحفظ، مختلف بيمارين جي ڦه??اء?? ۽ چُرپُر کي جنم ڏنو آه??. هن چيو ته موسمياتي آفتن عورتن ۽ ٻارن، پوڙهن، معذور ماڻهن، بي گهر ماڻهن، غريب ۽ پُٺتي پيل ماڻهن، گهٽ اُسرندڙ ملڪن ۽ ڊگهن تڪرارن کي م??نهن ڏيڻ وارن ملڪن کي غير متناسب طور تي متاثر ڪيو. موجوده موسيماتي صورتحال کي م??نهن ڏيڻ ??اء?? پاڪستاني سفير مطالبو ڪيو ته عالمي انساني قانون جي لاڳو ڪرڻ کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ جنيوا ڪنوينشز کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هن نَون ۽ جديد مالياتي طريقيڪار کي استعمال ڪندي عالمي مالياتي ادارن جي شموليت سان انساني مدد ??اء?? وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ميمبر ملڪن، گڏيل قومن جي ايجنسين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي گهرجي ته هو موسمياتي آفتن کي روڪڻ، گهٽ ڪرڻ ۽ ان سان موسمياتي تبديلي جا انسانن تي اثر ۽ انساني همدردي جي تياري ۽ ردعمل ذريعي م??افقت ۽ لچڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي تيز ڪن. سفير چيو ته تازي عالمي بحرانن کي حل ڪرڻ بنا اسان نه ته پنهنجي م??جوده نسلن جي حفاظت ڪري سگهون ٿا ۽ نه ئي ايندڙ نسلن کي تحفظ ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته وقت جلدي سان گذري رهيو آه?? ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آه??.
پاڪستان پاران پرڏيهي قبضن ۽ آبهوا ۾ تبديلين سبب متاثر 30 ڪروڙ ماڻهن جي مدد لاءِ عالمي قدمن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی