اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته نواز شريف ۽ مري?? نواز مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي دور ۾ جيل ويا، ??نه?? جي خلاف ڪيسن جي سڀني کي خبر آهي، جيترو پئسو ۽ جيتريون ملڪيتون نواز شريف ۽ سندس خاندان وارن ٺاهيون آهن ان جو ڪو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي نيوز ڪانفرنس تي مختل?? نقطن تي تفصيلي ردعمل ڏيندي ڪيو. ه?? چيو ته شهباز شريف پنهنجي نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته تاريخ ۾ ايتري گهٽ وقت ۾ ايتريون پيشيون ناهن ڀوڳيون ته آئون کيس ٻڌائيندو هلان ته تاريخ ۾ ايتري گهٽ وقت ۾ ايترو پئسو به ڪنهن ناهي ٺاهيو جيترو پئسو ۽ جيتريون ملڪيتون نواز شريف ۽ سندس خاندان ٺاهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں