اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان واپار جون نيون راهون کوليندو، پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان مسئلي جي حل لا??ِ سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم سان وحدت اسلامي افغانست??ن جي اڳواڻ استاد ڪريم خليلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان امن عمل تي اڳڀرائي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته افغان مسئلي جي ٺوس حل جي لا??ِ بين الافغان ڳالهين واري عمل کي اڳتي وڌائڻ لا??مي آهي. مسلسل ٽڪراءُ سان افغان عوام بري طرح متاثر ٿي. اسان افغانستان سان واپار ۽ معيشت سميت ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري چاهيون ٿا.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن