اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو، پيپلزپارٽي يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ جي دعويٰ ڪهڙي بنياد تي ڪري رهي آهي، عوامي نمائندن جي چونڊ لاءِ پئسي جو استعم??ل ٿيو ته اها ايندڙ نسلن سان زيادتي هوندي، ??سلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پئسي جي زور تي اليڪشن وڙهڻ چاهين ٿيون، ووٽ جي خريداري پاڪستان جي سياست کي تباهه ڪيو، پي ٽي آءِ ان ڪلچر کي ختم ڪندي، شفاف چونڊن کي يقيني بڻايو ويندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ووٽ جي خريد ۽ وڪري پاڪستان ۾ سياست کي تباهه ڪيو، پئسي جي زور تي ايندڙ عوام جا حقيقي نمائندا نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته معاشري مان ڪرپشن جو خاتمو ٿئي، ??يپلزپارٽي ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي نظريي جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صورت ۾ پاڪستان کي هڪ اهڙو اڳواڻ مليو جنهن صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رضا رباني بينظير ڀٽو جي مي??اق جمهوريت جي خلاف موقف اختيار ڪيو ۽ مي??اق جمهوريت کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي وٽ پنهنجو اميدوار کٽرائڻ لاءِ گهربل انگ نه آهي ته اها ڪهڙي بنياد تي يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪرپشن سياسي خريد ۽ وڪري ۾ استعم??ل ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پهريون ڀيرو مڪمل طور تي آز??د ۽ خودمختيار طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 2013ع ۾ به جدوجهد ڪئي، حڪومت اهڙو رستو اختيار ڪرڻ چاهي ٿي جنهن تي هر ڪو هلي سگهي، ??اڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي موقف تي مضبوطي سان بيٺل آهي، عوامي نمائندن جي چونڊ ۾ پئسي جو استعم??ل ٿيو ته اها ايندڙ نسلن سان زيادتي هوندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، ??يپلزپارٽي ڪرپشن سان ڦريل دولت جي خزاني جا منهن کولي ڇڏيا آهن ۽ ٻوليون لڳي رهيون آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس