اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ورلڊ پاپوليشن ريويو سڄي دنيا ?? رهڻي ڪهڻي جي خرچن (ڪاسٽ آف ليونگ) بابت پنهنجي سالياني ??پو??ٽ 2021ع جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي سستو ترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، 22 ڪروڙ 51 لک 99 هزار 937 آبادي سان گڏ پاڪستان ۾ ڪاسٽ آف ليونگ 18.58 آهي، 3 ڪر??ڙ 98 لک 35 هزار 428 آبادي سان گڏ افغانستان ۾ ڪاسٽ آف ليونگ 24.51، انڊيا ۾ هڪ ارب 39 ڪروڙ 34 لک 9 هزار 38 جي آبادي سان گڏ ڪاسٽ آف ليونگ 25.14 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ازبڪستان ۾ ڪاسٽ آف ليونگ 30.25، نيپال 30.69، نائجيريا 31.75، ويٽنام 38.72، ملائيشيا 39.46، برازيل ۾ 42.64 آهي. هن ٻڌايو ته ڪاسٽ آف ليونگ جي حوالي سان دنيا جي مهانگي ترين ملڪن ۾ ڪيمين آئس لينڊ ۾ 141.64، برمنڊا ۾ 138.22، سوئيٽزرلينڊ ۾ 122.67 ۽ ناروي ۾ ڪاسٽ آف ليونگ 104.49 آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته عالمي اداري هر ملڪ جي رينٽ انڊيڪس، مقامي قومي خريد، ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ۽ گروسري انڊيڪس کي نظر ۾ رکي اها ??پو??ٽ تيار ڪئي آهي.
ورلڊ پاپوليشن ريويو پاران سڄي دنيا ۾ رهڻي ڪهڻي جي خرچن بابت پنهنجي سالياني رپورٽ 2021ع جاري، پاڪستان سستو ترين ملڪ قرار: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ