اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمو?? قريشي چيو آهي ??ه پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي ??ي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير ڪونينوري ماتسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي و??ير چيو ??ه پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي جڏهن ??ه پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ??ه پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي ??ي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. جاپاني سفير پرڏيهي و??ير کي آگاهه ڪيو ته ٽيوٽا ڪمپني پاڪستان ۾ هائبرڊ ڪارسازي ??ي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جو ارادو رکي ٿي، ان کانسواءِ جاپان پاڪستان مان تربيت يافته افرادي قوت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، ان ڏس ۾ هڪ هزار انجنيئرز جا انٽرو??و مڪمل ڪيا ويا آهن. جاپاني سفير چيو ??ه پاڪستان ۾ فوڊ پراسيسنگ پلانٽس لڳائڻ جي لاءِ جاپان جي ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. جاپاني سفير وڌيڪ چيو ته جائيڪا ملتان ۾ پاڻي جي نيڪالي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ قدم کڻندي. پرڏيهي و??ير پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان جاپاني سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ جاپاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ