اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاق جي بار بار چوڻ جي باوجود سنڌ حڪومت سرڪاري ڪڻڪ رليز نه ڪري رهي آهي، ان سان سنڌ ۾ ڪڻڪ 2400 روپيا مڻ ۽ 20 ڪلو جو اٽي جو ٿيلهو 1500 روپين تائين پهچي چڪو آهي، بلاول حڪومت سنڌ جي ع??ام کي مافيا جي ر??م ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، ع??ام طرفان راءِ اچي ٿي پر اهڙي قدمن طرف نه وينداسين جنهن سان غير جمهوري رويو سامهون اچي، وفاق سنڌ جي ع??ام کي نه پهرين اڪيلو ڇڏيو آهي ۽ نه هاڻي اڪيلو ڇڏيندو. هو بحري معاملن واري خاص مددگار محمود مولوي ۽ سنڌ مان ايم اين اي سيف الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ حڪومت ??ڻڪ ۽ اٽي جي معاملي ۾ ع??ام تي ظلم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت هر سال ع??ام جي ٽيڪس مان خريداري ڪئي، سرڪاري ڪڻڪ وقت سر رليز ناهي ڪندي، هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري اگهه 1950 روپين تي ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي وئي، ان سان اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، اڄ به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 روپين جو آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ 13 سالن کان حڪومت ??ري رهي آهي، سنڌ جي ع??ام سان دشمني جاري آهي، بلاول زرداري جي سنڌ حڪومت ع??ام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي رهي آهي، هن چيو ته 5 آڪٽوبر تي غذائي تحفظ واري وزارت سنڌ حڪومت ??ي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪرڻ لاءِ ٻيهر خط لکيو پر اڃان تائين ان تي عمل ناهي ٿيو. سنڌ حڪومت ??ي ڪو فرق نٿو پوي ع??ام کي ڪڻڪ، اٽي مافيا جي ر??م ڪرڻ تي ڇڏي ڏنو آهي، سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ڪڻڪ وقت سر رليز نه ڪرڻ جي ڪري اڄ سنڌ ۾ ڪڻڪ 2400 روپيا في مڻ ۽ اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 14 سو کان 15 سئو روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي ان جا ذميدار سنڌ حڪومت ۽ بلاول آهن، اهي وقت اگهه وٺندڙ مافياز جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. بلاول ٻڌائي آخر ڪيستائين سنڌ جي ع??ام کي مافيا جي ر??م ڪرڻ تي ڇڏيندو، پنجاب جي آبادي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان جي باوجود سرڪاري ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي ۽ نتيجا اٽي جون قيمتون گهٽ آهن، سنڌ حڪومت ??ان مطالبو آهي ته فوري طور تي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪري، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته سرڪاري ڪڻڪ ڪٿي آهي، پاڻ چوري ڪندا آهن ۽ هڻندا ڪوئن تي آهن، سنڌ جا ڪوئا به 13 ارب روپين جي ڪڻڪ کائي ويا، پيپلزپارٽي حڪومت جو چوري ڪيل پئسي مان پيٽ ڪڏهن نه ڀرجندو، هن چيو ته موجوده حڪومت ??يڍ سال ۾ 30 ارب روپين جي سبسڊي ڏني، هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي سڌو سنئون سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، طريقيڪار طئي ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت ??ي ٽن سالن ۾ اين ايف سي جي مد ۾ 19 سئو ارب روپيا فراهم ڪيا آهن، ٻڌايو وڃي ته اهي ڪٿي استعمال ٿيا، هن چيو ته ڪراچي ٽرانسفرمشن پلان، گرين لائين بس سروس، ايئرپورٽ، نالن جي ري ماڊلنگ، ڪراچي فريٽ ڪوريڊور، سرڪلر ٽرين، اندروني سنڌ ترقي منصوبن تي وفاق ڪم ڪري رهيو آهي، احساس ڪيش پروگرام تحت سڀني کان وڌيڪ 66 ارب سنڌ جي ع??ام ۾ ورهايا ويا، هن چيو ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪو وڏو ڊيم نه ٺهيو اسان جي حڪومت 10 وڏن آبي ذخيرن تي ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته نومبر کان فيبروري وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن کي 5 کان 7 روپيا في يونٽ سبسڊي ڏيندي.
وفاق جي بار بار چوڻ جي باوجود سنڌ حڪومت ڪڻڪ رليز نه پئي ڪري: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی