ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ مسافرن سان گڏ نمائش چورنگي کان گرو مندر تائين سفر ڪيو ۽ بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) سروس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گرين لائين بس تي پنهنجي پهرين سفر دوران آفيشل ميڊيا سان ڳالهائيندي ??در چيو ته بي آر ٽي گرين لائين بس منصوبو ڪراچي جي ماڻهن جي سهولت لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اها سروس ماڻهن کي آرامده سفر فراهم ڪندي. هن چيو ته گرين لائين بس سروس جي ڪري ڪلاڪن ج?? ڊگهي سفر جو وقت هاڻي گهٽ ٿي ويو آهي. ان موقعي تي ??در عورت مسافرن کان بي آر ٽي گرين لائين بس منصوبي بابت انهن جا خيال پڻ پڇيا. ??در کي جواب ڏيندي ??سافرن چيو ته اهي هن سروس مان مطمئن آهن ڇو ته انهن کي آرامده سواري ملي رهي آهي. هنن ??در کي ٻڌايو ته اهي روزانو بي آر ٽي ۾ سفر ڪن ٿيون ۽ انهن وٽ بي آر ٽي گرين لائين ٽرانسپورٽيشن ڪارڊ پڻ آهي. عورت مسافرن بس سروس تي ??در جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ نمائش چورنگي جي بس اسٽيشن پهچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ٽڪيٽ خريد ڪئي. سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زي??ي ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز پڻ ??در سان گڏ هئا.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ مسافرن سان گڏ نمائش چورنگي کان گرو مندر تائين سفر ڪيو
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا