اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو جڏهن ته ڪنهن به ٻاهرئين جارحيت کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، ??اڪ??تاني قوم ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻا??ڻ جي سفر ۾ متحد بيٺل رهندي. پريڊ ايوينيو شڪر پڙيان ۾ ??اڪ??تان ڏهاڙي جي پريڊ ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته دشمن تي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ??اڪ??تان پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو ڇو ته قوم ۽ ان جي هٿياربند فوج ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻا??ڻ جي لاءِ تيار آهي. هن سال ??اڪ??تان ڏاهڙي جي سا??يا??ي تقريب کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي ڇو ته 57 رڪني اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن هٿياربند فوج جي پريڊ جو مظاهرو ڏٺو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان، ڪابينا جا ميمبر، پرڏيهي سفارتڪار، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار ۽ ??اڪ??تان جي لاءِ خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. صدر عارف علوي چيو ته ??اڪ??تان جي پاڙيسري ملڪ جا توسيع پسنداڻا ارادا ڏکڻ ايشيا جي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهن. هن ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ذڪر ڪيو ۽ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڏنو ته اهي انساني حقن جي جاري خلاف ورزين کي روڪين. انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف ملڪ جي عزم جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ??اڪ??تاني قوم جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين سازشن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. هن نهنجي ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ تي ملڪ جي هٿياربند فوج ۽ قوم جي بهادري ۽ حوصلي کي ساراهيو. صدر چيو ته قوم ۽ سمورن رياستي ادارن ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ان قول کي سدائين نظر ۾ رکڻ گهرجي ته بطور قوم متحد ٿي بيهون ۽ پنهنجي صفن ۾ ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪريون. صدر ??اڪ??تان جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي ڏينهن اهڙي طرح خاص آهي ته هي ملڪ جي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه جو موقعو آهي. هن انهن هم وطنن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو جن ملڪ جي خودمختياري لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون ۽ ان جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته هڪ مضبوط ۽ متحد قوم هجڻ جي ناطي اسان پنهنجي ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري کي بلند رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. ??اڪ??تان جي ميزباني ۾ او آءِ سي جي 48 هين پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي مناسبت سان هن چيو ته باني ميمبر جي حيثيت سان ??اڪ??تان اسلامي ملڪن جي تنظيم جي مضبوطي لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا کي فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن سميت ڪيترائي چئلينجز دپيش آهن جن جي فوري حل جي ضرورت آهي. هن سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي نشاندهي ڪندي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ ??اڪ??تان ان جي خلاف ڀرپور ڪوششون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل قومن پاران هڪ قرارداد منظور ٿي. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خاتمي جي ڏينهن طور ملهايو ويندو ۽ چيو ته اهو قدم پوري دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو. افغانستان بابت هن چيو ته دنيا کي ان صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي جتي افغاني بک ۽ غربت جي شڪل ۾ انساني بحران جو شڪار آهن. صدر چيو ته ??اڪ??تان کي انتهاپسندي، عدم برداشت، جعلي خبرن ۽ عورتن جي ح قن کان انڪار جا چئلينجز درپيش آهن. معاشري جي سمورن طبق خاص طور تي عالم سڳورن، والدين، استادن ۽ ميڊيا کي اپيل آهي ته اهي ان سلسلي ۾ پنهنجي ذميواري جو احساس ڪن. هن خانداني نظام کي قوم جي طاقت قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سان سماجي ڍانچي کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته قوم ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻا??ڻ جي سفر ۾ متحد بيٺل رهندي. هن چيو ته هي تقريب اسان جي قوم جي اتحاد، ترقي ۽ اسان جي فوجي طاقت جي عڪاس آهي.
پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو جڏهن ته ڪنهن به ٻاهرئين جارحيت کي سختي سان منهن ڏنو ويندو: صدر
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania