اسلام آب??د – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد ش??باز شريف جو سعو??ي عرب جو دورو عرب مثالي دوستي جو هڪ نئون تار??خي باب کوليندو، چئن سالن جي گهٻراهٽ واري دور کانپوءِ پاڪستان جي دوستن جي محفل وري آب??د ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي محسن ۽ سعو??ي عرب جي ولد عهد ش??زاده محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف اڄ خميس تي حجاز مقدس روانو ٿي رهيو آهي ۽ مدينه منوره پهچندو، هن چيو ته 28 کان 30 اپريل جو اهو دورو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد ش??باز شريف جو پهريون غير ملڪي دورو آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي، پرجوش ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل تار??خي لاڳاپن جي تجديد جو مظهر آهي ۽ مثالي دوستي جو هڪ نئون تار??خي باب کوليندو. هن چيو ته چئن سالن جي گهٻراهٽ جي دور کانپوءِ پاڪستان جي دوستن جي محفل وري آب??د ٿيڻ وڃي رهي آهي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جو ٻيهر آغاز مبارڪ هجي، عمره جي سعادت ۽ روضه رسول پاڪ ﷺ تي درود پڙهڻ جون برڪتون اسان سان گڏ هونديون، سعو??ي عرب پاڪستان دوستي هميشه زنده باد.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو تاريخي باب کوليندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری