اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير ر??ڻا ثناءُ الله عمران خان جي ڪال رد ڪرڻ تي عوام جا ٿورا مڃيا آهن ته اها گهرن ۾ رهي ۽ فتني مارچ جو حصو نه بڻي، پنجاب ۾ ڪٿي به ڪجهه سئو کان وڌيڪ ماڻهو نه نڪتا، عمران خان جي مقبوليت جو تاثر پنهنجي موت پاڻ مري ويو، خيبرپختونخواهه جي سرڪاري وسيل?? سان ٽي ک??ن چار هزار جو هٿياربند جٿو اسلام آباد تي يلغار ڪرڻ چاهي ٿو، جلسي ڪرڻ جي اجازت آهي، فساد نه پکيڙڻ ڏينداسين، چار سال معاشي تباهي مچائيندڙ هاڻي لانگ مار?? سان باقي ڪسر ڪڍي رهيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران خان جي دعويٰ 20 لک ماڻهن کي آڻڻ جي هئي، پوءِ 30 لک ماڻهن جي دعويٰ ڪئي وئي پر رڳو خيبرپختونخواهه مان ٽي ک??ن چار هزار ماڻهو نڪتا، پنجاب مان بتي چوڪ ۽ هڪ جڳهه تي اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهن جو قافلو هو جيڪو معزز عورت ميمبرن جي گرفتاري جي پاڻمرادي دعويٰ ڪندي واپس هليو ويو ۽ پنجاب جي عوام فتني فساد مارچ جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ا??ڙي طرح بلوچستا?? ۽ ??نڌ جي عوام به فتني فساد مارچ جو حصو نه بڻي. هن چيو ته فتني فساد جو حصو نه بڻجڻ تي پنجاب جي عوام جا ٿورائتا آهيون، جيڪي ڪجهه سئو ان فساد جو حصو بڻيا آهن انهن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي قوم کي ورڇ ڪرڻ جي ايجنڊا کان پري ره?? ۽ ??ن جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏين. هن چيو ته خيبرپختونخواهه مان سرڪاري پروٽوڪول ۽ سرڪاري سرپرستي ۾ ڪرين ۽ هٿيار?? سان ليس ٽي ک??ن چار هزار ماڻهن جو جٿو وفاق تي چڙهائي جي نيت سان نڪتو آهي، ا??هن جو اهو مارچ غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي، حالت اها آهي ته عوام رستن تي سخت گرمي ۾ خوار ٿي رهي آهي ۽ نام نهاد انقلابي پاڻ هيلي ڪاپٽر ۽ وڏين وڏين گاڏين ۾ سوار آهن، ا??قلابي مارچ جو منظرنامو ڏسي انهن کي گهرجي ها ته اهي پاڻ فيصلو ڪن ته ملڪ جي نظام کي خراب نه ڪنداسين.
عمران خان جي ڪال رد ڪرڻ تي عوام جا ٿورائتا آهيون، اها گهرن ۾ رهي ۽ فتني مارچ جو حصو نه بڻي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا