اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪو به معاشرو عورتن کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، چونڊ قانونن جي حوالي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. اسپيڪر پ??رل??اماني وومين ??اڪس جي اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چ??و ته پ??رل??اماني وومين ??اڪس پوري پاڪستان ۾ عورتن جي ترجماني ڪري رهي آهي. پ??رل??اماني وومين ??اڪس بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي سڄي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چ??و ته ملڪي ترقي جو خواب عورتن جي شموليت کانسواءِ تعبير نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستاني عورتن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت ساراهه جوڳي آهي. عورت پ??رل??امينٽ ميمبرن جي عورتن جي حقن جي لاءِ قانونسازي جي عمل ۾ شموليت فخر جوڳي آهي. عورتن جي حقن جي لاءِ دختر جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن وقت پ??رل??امينٽ ۾ اهم قانونسازي جو عمل جاري آهي. پ??رل??امينٽ ۾ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جو فعال ڪردار لازمي آهي. چونڊ سڌارن جي قانونسازي جي لاءِ عورتن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. ڪاڪس جي سيڪريٽري شاهده رحماني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد ڪريان ٿو ته شاهده رحماني جي سربراهي ۾ وومين ??اڪس پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. بطور اسپيڪر پ??رل??اماني وومين ??اڪس جي لاءِ پنهنجو هر ممڪن تعاون جاري رکندس. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا ڪاڪس اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪاڪس جي هدفن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو.
ڪو به معاشرو عورتن کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، چونڊ قانونن جي حوالي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي: اسپيڪر راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر