اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آهي ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي نا قابل ??يان آهي، متاثرن ??ي آبادڪاري تائين سک سان نه وينداسين، سڄي قوم متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ان چيو ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي ناقابل ??يان آهي. حڪومت جي سڀئي ادارن ضرورتن کي سامهون رکندي ريسڪيو ۽ ريليف جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. اسان ان وقت تائين سک سان نه وينداسين جيستائين متاثرن جي بحالي ممڪن نه ٿئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان ٻوڏ سان پيدا ٿيل صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي محاذن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. چيلينج وڏو آهي پر ان چيلينج کي منهن ڏيڻ جو ا??ان جو عزم ان کان به مضبوط آهي. آئون پوري قوم کي اپيل ڪيان ٿو ته هو اڳتي اچن ۽ تڪليف ۾ آيل اسان جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد ڪن. آئون ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير، صوبائي انتظاميا، اين ڊي ??يم اي ۽ فوج جو خاص طور تي ٿورو ا??ا ڪيان ٿو.
بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي نا قابل بيان آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ