اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لسٻيلا بلوچستان هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ش??يد جي گهر ويو، شهيد جي لاءِ فاحه خواني ڪئي ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ش??يد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جا شهيد اسان جو فخر آهن، پاڪ فوج جي ??في??رن ۽ جوانن هن ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ کان ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جنگ هجي يا ڪا قدرتي آفت، پاڪ فوج جا جوان ۽ ??في??ر سدائين قوم جا محافظ بڻجي ميدان ۾ لٿا آهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم پنهنجي ش??يدن جي انهن قربانين تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم ان کان اڳ 14 آگسٽ تي ميجر طلحيٰ منان شهيد جي گهر سندس گهرڀاتين سان تعزيت جي لاءِ پڻ ويو هو.
وزيراعظم شهباز شريف جي شهيد ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي جي گهر آمد، فاحه خواني ۽ تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز