اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين ۽ ٻين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته ??بادگارن جي سهولت لاءِ فصل جي انشورنس جو خودڪفيل ماڊل تيار ڪيو وڃي، ميڊيا جي ذريعي آبادگارن کي فصل انشورنس بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ فصل جي انشورنس بابت ڌرين جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر، پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيان گرديزي، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، انشورنس ڪمپنين جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ??بادگارن جي لاءِ هڪ مڪمل سوچيل سمجهيل، عملي ۽ دوستاڻي ٺوس حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي جنهن جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبن جي سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ آبادگارن کي آسان طر??قي??ار تحت فصل جي انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته ??بادگارن کي فصل جي خرابي ۽ انسان?? ساخته ۽ قدرتي آفتن سان فصل جي نقصان کان بچائڻ پاڪستان جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي ڇو ته ??راعت پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو شعبو آهي ۽ اسان جي آبادي جي هڪ وڏي انگ جو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح دارومدار ان شعبي تي آهي. صدر چيو ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي گلوبل وارمنگ س??ن پيدا ٿيندڙ قدرتي افتن جو سڀ کان وڌيڪ خطرو رکن ٿا ۽ ان رجحان جي ڪري آبادگارن کي بار بار ٻوڏ، ڊگهي سوڪهڙي، غيرمتوقع موسمي حالتن ۽ جيتن جي حملن جي ڪري اڪثر نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن هڪ جديد ترين سيٽلائيٽ اميجري تي ٻڌل موسم جي اڳڪٿي جو نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو صحيح اڳڪٿي خاص طور تي ٻوڏ بابت قيمتي ۽ مستنند ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي قابل هجي ته ??يئن آبادگارن کي فصل جي تباهي کان بچڻ جي لاءِ قيمتي معلومات ملي سگهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فصل جي انشورنس جي حوال?? سان عمل جوڳو حل تجويز ڪرڻ جي لاءِ مختلف ڌرين جو هڪ فني ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو.
انشورنس ڪمپنيون آبادگارن جي سهولت لاءِ فصل جي انشورنس جو خودڪفيل ماڊل تيار ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج














