اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??ار سا?? پنجاب جا وسيلا ڦريندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو آهي، الحمدالله! پنجاب جي وسيلن ۽ پنجاب جي عوام جي محنت جي ڪمائي سا?? هيرن جون منڊيون خريد ڪندڙن کي پنجاب جي عوام سڃاڻي وئي آهي، ف??رن ايجنٽ جو ووٽ ۽ اليڪشن جي طاقت سا?? وفاق وانگر پنجاب ۾ به صفايو ڪنداسين، وو?? جي طاقت سا?? انهن ڦورن، ف??رن ايجنٽس ۽ فرنٽ مينن جو خاتمو ڪيو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ??ار سا?? بشريٰ بي بي، فرح گوگي ۽ فرنٽ مينن جي ذريعي وفاق ۽ پنجاب کي ڦريو ويو، اسان پنجاب ۾ ٻيهر خوشحالي جو دور شروع ڪنداسين، پنجاب جي عوام مفت علاج، تعليم ۽ بهترين رستا ڏينداسين، پنجاب ۾ ترقي جي رڪيل عمل کي ٻيهر شروع ڪنداسين ۽ گذريل چار سا??ن دوران پنجاب جي عوام سا?? ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي ڊيفال?? جي ڪناري تي ڌڪيندڙن کي عوام ووٽ نه ڏيندي، پنجاب جي باشعور عوام پنهنجي ترقي کي ووٽ ڏيندي، اها ٻهروپين، ف??رن ايجنٽس، چورن، پنجاب کي ڦرڻ، اجاڙڻ ۽ ويران ڪندڙن کي ووٽ نه ڏيندي.
چار سال پنجاب جا وسيلا ڦريندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری