اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن ??يو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن ??هڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ت??ڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. ترڪيه هر مشڪل ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ ت??ڪيه ج?? عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي جا وڌندڙن واقعا پوري دنيا جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. اهو انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بقاءَ جو معاملو آهي. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي ڪنهن ملڪ يا خطي تائين محدود ناهي رهي.
وزيراعظم پاران ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار