اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائم??لي?? تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته والا??يل علائقي ۾ ڀارتي فوج هٿان وڏي پئماني تي انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته والا??يل علائقي ۾ نوجوان ڪشميري شمس الدين ولد جمال الدين اڌم پور جي هڪ جاچ مرڪز ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ شهيد ٿي ويو، جنهن کي اٽڪل هڪ مهينو اڳ گهر مان گرفتاري کانپوءِ مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته شمس الدين گم ٿيل پهريون ڪشميري نوجوان نه آهي ۽ نه اهو انساني حقن جي پائمالي جو پهريون واقعو آهي. هن چيو ته والا??يل ڪشمير ۾ نوجوانن کي هراست دوران ۽ فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته اسان والا??يل ڪشمير ۾ حراست ۾ ٿيندڙ فوتگين بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙي غيرانساني ڪاررواي?? ۽ ??نساني حقن جي خلاف ورزين جي ذميوارن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. ترجمان ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرام?? حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
والاريل علائقي ۾ ڀارتي فوج هٿان وڏي پئماني تي انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا