اسلام آباد- 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ??ائوس ۾ تقريب منعقد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان طرفان گهرو وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان جڏهن ته سعودي عرب طرفان سعودي نائب دفاع وارو وزير ڊاڪٽر نا??ر بن عبدالعزيز مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. معاهدو حج پانڌيئڙن جي اميگريشن جي عمل کي آسان ۽ هموار ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگ??ي ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ ٻيا عملدار به ان مو??عي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا