اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ ??وم?? راندين جي مقابلن جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي، هي ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪستاني بهادر قوم مشڪلن کي شڪ??ت ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هن پاڪستان جي 34 هين راندين جي ??وم?? مقابلن جو افتتاح ڪيو، ڪوئيٽا ۾ 19 سالن کانپوءِ اهي رانديون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته منهنجي لا??ِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته انهن راندين جو افتتاح قائداعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ ڪيو هو ۽ اڄ مون کي بطور خادم پاڪستان انهن راندين جي شروعات ڪرڻ جو موقعو مليو، اڄ جو ڏينهن ان لا??ِ به انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته انهن راندين جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ مان آيل 6000 رانديگرن سان ڀريل ??يوب اسٽيڊيم ستارن جي هڪ ڪهڪشان جو منظر پيش ڪري رهيو هو، مون کي اهو ڄاڻي تمام گ??ڻي خوشي ٿي ته انهن مقابلن ۾ عورت رانديگرن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جون باصلاحيتون عورتون ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان ڪنهن به طرح پٺتي نه آهن. هن چيو ته انهن راندين جو انعقاد ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪستاني قوم هڪ بهادر قوم آهي جيڪا مشڪلن کي شڪ??ت ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي.
ڪوئيٽا ۾ قومي راندين جي مقابلن جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال