اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان امن، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين رکي ٿو، گڏيل قو??ن جي انتظام هيٺ پاڪستان دنيا جي وڳوڙي علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستاني پيس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آ??ن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قو??ن جي امن دستن ??ي 75 هين سالگرهه تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان جي پيس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ ا??ن جي لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، 177 پاڪستاني پيس ڪيپرز ا??ن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا آ??ن. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان جي يو اين پيس سان تاريخي حصيداري آهي ۽ پاڪستاني پيس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آ??ن، گذريل سال 8 پاڪستاني پيس ڪيپرز گڏيل قو??ن جي جهنڊي هيٺ شهادت ماڻي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن گڏيل قو??ن جي ڪمان هيٺ امن دستن ??ي دنيا جي مختلف علائقن ۾ خدمتن ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ انهن ڀرپور ڪوششن جو ذڪر ڪندي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گڏيل قو??ن جي امن فوج جي 75 سالا تاريخ ۾ هيستائين وڏي انگ ۾ پاڪستاني پيس ڪيپرز گڏيل قو??ن جي 46 امن مشنز ۾ بهادري سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
پاڪستان امن، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين رکي ٿو: مملڪتي وزير حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea