اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) پي ڊي ايم ۽ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ??سان آئين ۽ قانون جي پاسداري تي يقين رکون ٿا، ڪنهن کي به پارليامينٽ ۽ عوام جي تذليل جي اجازت نه ڏني ويندي، وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جو تحفظ ۽ عدليه جي وقار کي بحال ڪنداسين، فيصلو پاڪستان جي عوام ڪندو، سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهندي پنهنجا فرض سرانجام ڏين، سياست صرف سياستدانن جو ڪم آهي،بدمعاشن جي جٿن کي سياست نه چيو وڃي. پي ڊي ايم جي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي هن چي?? ته فيصلو پاڪستان جو عوام ڪندو، عدليه اسان لاءِ محترم آهي، اسان عدليه جي وقار کي بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ??سلام عدل ۽ انصاف جو هڪ معيار مقر?? ڪيو آهي، انصاف جو بنياد برابري تي آهي، منصف لاءِ جائز ناهي ته هو ڪنهن جي طرفداري ڪري، هن چيو ته ??يبرپختونخوا ۽ پنجاب جي حڪومت کي نه ٽوڙيو وڃي ها ته ملڪ ۾ بحران نه پيدا ٿئي ها، هن چي?? ته ڪنهن کي پارليامينٽ ۽ عوام جي تذليل جي اجازت نه ڏني ويندي، جيڪو اسان جي تذليل ڪندو ان کي تسليم نه ڪنداسين، سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي پنهنجا فرض سرانجام ڏين، سياست صرف سياستدانن جو ڪم آهي، بدمعاشن جي جٿن کي سياست نه چيو وڃي. هن چيو ته ??سان جي سامهون واقع عدليه جي عمارت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ رينجرز ۽ پوليس مقرر آهي، مان کين چوان ٿو ته ??يشڪ هو هٽي وڃن اسان هن عمارت جي حفاظت ڪنداسين ۽ هن جي عزت ۽ وقار کي ڪنهن کي ميري اک سان ڏسڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ??سان به اختلاف ڪيا، 2018ع جي چونڊن ۾ کليل ڌانڌلي ٿي، جنهن خلاف اسان ميدان ۾ نڪتاسين ۽ ڪنهن جي ناراضگي جي پرواهه نه ڪئي، اسان جڏهن ڌانڌلي خلاف انهي عمارت آڏو ڌرڻو ڏنو ه?? ته ڪنهن سو موٽو نه ورتو، اسان ڪيترائي ملين مارچ ڪيا پر ڪنهن نوٽيس نه ورتو، 15 لک ماڻهن جو اجتماع ڪيو پر ڪنهن جي ڪنن تي جون نه چري، هن چي?? ته ننڍي کنڊ جي 300 سالن جي تاريخ ۾ غلامي جون زنجيرون اسان ٽوڙيون آهن ۽ اسان اڄ به زنجيرون ٽوڙڻ چاهيون ٿا. هن چي?? ته وزيراعظم جي نااهلي جون ڳالهيون ڪيون پيون ??ڃن?? مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ??يڪڏهن ناجائز هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ??سان وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جو تحفظ ڪنداسين. هن چي?? ته لاڏلي کي عدالت ۾ احترام ڏنو ويو ڇا اهو جائز هو؟ ڪنهن جوابدار جو ريمانڊ ڏيڻ کانپوءِ ان جي ضمانت جو ڪو مثال موجود ناهي. هن چيو ته ??رمي چيف پنهنجي سينارٽي تي مقر?? ڪيو ويو آهي، پاڪستان کي متحد رکڻ جي آخري طاقت فوج آهي، عمران خان فوج ۾ ورهاست جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ??سان فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هئاسين ۽ بيهنداسين، مولانا فضل الرحمان چي?? ته ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو، قلعه بالاحصار، ميانوالي ايئر بيس، شهيدن جي يادگارن جي حملا ڪندڙن کي تحفظ نه ڏنو وڃي. هن چي?? ته نبي ڪريم صلعم فرمايو هو ته ??يڪڏهن پاڻ سڳورن جي ڌيءَ به چوري ڪندي ته ??ها سزا جي حقدار هوندي، اسلام عدل ۽ انصاف جو اعليٰ معيار مقر?? ڪيو آهي. هن چيو ته ??نهن دستور جي بنياد تي عدالتون فيصلا ڏين ٿيون اهي دستور اسان بڻايا آهن، جنهن قانون جي بنياد تي عدالتون فيصلا ڏين ٿيون اهي قانون اسان ٺاهيا آهن ته ڇا اسان قانون نٿا ڄاڻون، پاڪستان ۾ يهودي لابي نه هلندي، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي سازش نه هلندي، آئين جي اسلامي حيثيت جو تحفظ ڪيو ويندو. هن چيو ته ??مران خان ڪشمير کي هندستان ۾ ضم ڪرڻ لاءِ مودي جو سهولتڪار بڻيو. هن چيو ته ??سان اصولن جي سياست ڪريون ٿا، اسان سڀني جي آڏو حق جي ڳالهه ڪنداسين ۽ آمريڪا، يورپي يونين ۽ ڀارت آڏو به حق جو علم بلند ڪنداسين. ڀارت ۾ خوشي جي لهر آهي ۽ عمران خان کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏنو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته ??يترو نقصان پاڪستان کي ڀارت به نه پهچائي سگهيو، اڄ ڀارت ۾ پاڪستان جا دشمن خوش آهن ۽ چئي رهيا آهن ته ??مران خان پاڪستان جو ستياناس ڪري رهيو آهي، هن فوج کي نشاني تي رکيو آهي. هن چيو ته ??سان جي باري ۾ خيال ڪيو پيو وڃي ته ??سان هتان هليا وينداسين ته ٻيه?? ڪيس ٻڌو ويندو پر مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ??سان ٻيهر اينداسين ۽ شاهراهه دستور تي پنهنجا جهنڊا ڦڙڪائينداسين ۽ پوءِ عوام جي عدالت لڳائينداسين. مولانا فضل الرحمان چي?? ته هو پي ڊي ايم ۾ شامل سمورن اڳواڻن شاهه زين بگٽي، خالد مگسي ۽ خالد مقبول سميت سڀني کي ڀليڪار چوي ٿو ۽ ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪري ٿ?? ته مختصر وقت ۾ ڀرپور جذبي سان هتي پهتا آهن ۽ اسان جي آواز تي لبيڪ چيو آهي. هن ڪارڪنن تي زور ڀري?? ته هو پرامن رهن ۽ ٻين کي به پرامن رهڻ جي هدايت ڪن. مولانا فضل الرحمان ڪارڪنن کي چي?? ته هو حوصلو رکن، پنهنجي ايمان ۽ جذبي جي حفاظت ڪن، اسان جو ملڪ ۽ دين محفوظ آهي جيستائين اسان زنده آهيون اسلام دشمن ۽ يهودين جا خواب شرمنده تعبير ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان کي اسلام جو قلعو بڻائينداسين.
اسان آئين ۽ قانون جي پاسداري تي يقين رکون ٿا، ڪنهن کي پارليامينٽ ۽ عوام جي تذليل جي اجازت نه ڏني ويندي، وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جي تحفظ ۽ عدليه جي وقار کي بحال ڪنداسين: مولانا فضل الرحمان
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی