اسلام آباد -03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ت??ڪي?? جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ جي دع??ت ڏني آه??. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم اها ڳالهه ت??ڪي?? جي دوري دوران انقره ۾ انادولو گروپ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت ڪوڪا ڪولا جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪريم ياحي ڪري رهيو هو، وفد ۾ چيف اسٽريٽج?? آفيسر ايتلايرليڪايا ۽ ??يا ۽ اعليٰ اڳواڻ به شامل هئا. وزيراعظم انادولو گروپ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ان سبب ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي کي ساراهيو. وزيراعظم انادولو گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌيڪ وڌائڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ت??ڪي?? ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج