اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ خاتون اول بيگم ثمينه ع??وي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف ع??وي مثبت سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شم??ليت وڌائڻ جي ض??ور?? تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شم??ليت تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چ??و ته خصوصي ماڻهن کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن موجب نوڪريون ڏيڻ جي ض??ور?? آهي. هن چيو ته پوري ٽيم اسپيشل اولمپڪس راندين جي ميدان ۾ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ته ذهني معذوري جي شڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چ??و ته پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم ميڊلز کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.
صدر پاران اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل