مظفر آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن ۽ اخلاقيات جون ڌڄيون اڏائيندي معصوم ۽ بيگناهه ڪشميرين جي امنگن جي ابتڙ ڏاڍ، ظلم ۽ تشدد ۽ دهشتگردي جي ذريعي ڪسمير ۾ پنهنجي فوج لاهي ر??اس?? جي هڪ وڏي حصي تي جابراڻو قبضو ڪيو ۽ ان کا??پوءِ انساني حقن جي خلاف ورزينجو اهڙو دور شروع ٿيو جو ڪشميرين کي انهن جي بني??دي انساني حقن کا?? ئي محروم ڪيو ويو، 27 آڪٽوبر تي خوني لڪير جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري، والاري?? ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪشميري عوام ڪڏهن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ڪيو، 1947ع ۾ عوامي بغاوت جي ذريعي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف آز??دي جي جدوجهد شروع ڪئي جنهن سان ڀارت بوکلائجي ويو، ڀارتي حڪومت پهرين جنوري 1948ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان رجوع ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو جنهن تي گذريل 76 سالن کا?? عملدرآمد ڪرڻ کا?? انڪاري آهي ۽ مسلسل ر??اس??ي ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميرين جي دلين مان آز??دي جي تڙپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته والاريل واديءَ ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿو گذري جڏهن ڪشميرين تي ظلم نه ٿيندو هجي، معصوم ڪشميرين تي اهڙا ظلم ڪيا ويا آهن جو جن سان انسانيت به شرمسار ٿي وئي آهي، ڀارت لکين ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، هزارين بيگناهه نوجوانن کي قيد ڪري رکيو آهي، حريت قيادت مصيبت خانن ۾ ر??اس??ي ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آهي، هزارين عورتن جي لڄ لٽي وئي آهي جڏهن ته روزانو ڪشميرين جي ملڪيتن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، انساني تاريخ ??ي بدترين ظلمن جي باوجود ڪشميرين جو حوصلو بلند آهي ۽ انهن جي جذبي ۾ ذرو برابر به گهٽتائي ناهي آئي. هن چيو ته والاري?? ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي جابراڻي قبضي کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرآئيني غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدمن کا??پوءِ زمينن جي قانون ۾ تبديلي ڪري پنهنجي قابض فوج کي ڇانوڻين جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي، اڳوڻن ڀارتي فوجين جي لاءِ ڪالونيون ٺاهيون پيون وڃن ۽ اسرائيل جي طرز تي والاريل ڪشمير ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسيمبلي سيٽن ۾ حدبندي ڪميشن جي ذريعي ڦيرڦار ڪري مسلمانن کي نمائندگي جي حق کا?? محروم ڪيو ويو آهي، ڪشمير جي آز??دي جي تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ دنيا کا?? والاريل ڪشمير جي صورتحال لڪائڻ جي لاءِ ميڊيا تي سخت پابنديون هنيون ويون آهن.
ڪشميري عوام ڪڏهن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ڪندي: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha