اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي حنيف خالد جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چي?? آهي ته حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستار?? آهي، هو نه رڳو صحافين جو نمائند?? آهي پر بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، حنيف خالد پنهنجو اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران سينيئر صحافي حنيف خالد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجو?? هو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستار?? آهي، سندس صحافتي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ تي اسلام آباد چيمبر جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته حنيف خالد جو اڌ صديءَ تي ٻڌل انتهائي شاندار صحافتي سفر آهي. هو صحافين جو نمائندو هجڻ سان گڏوگڏ بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي?? هن اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀاي?? آهي. هن چيو ته ڪو ايوارڊ حنيف خالد جي خدمتن جي قيمت ادا نه ٿو ڪري سگهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته کيس اڳئين اعليٰ ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪريون.
حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن