اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سرڪاري شعبي جي تر??ياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار تر??ي رکندڙ منصوبا آندا وڃن، سمورن وڏن قومي تر??ياتي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن لازمي ٿيندي، تر??ياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان منصوبابندي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا پي ايس ڊي پي پروگرامز جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويز??ن جوڙي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ منصوبابندي واري وزارت ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي معاملن تي اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ اهڙا منصوبا آندا وڃن جنهن سان ملڪ جي پائيدار تر??ي ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن وڏن قومي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي. هن وزيراعظم جي تر??ياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اها ڪميٽي پي ايس ڊي پي پروگرام جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويز??ن ج??ڙي??دي. وزيراعظم پي ايس ڊي پي پروگرامز ۽ صوبن جي سالياني تر??ياتي پروگرام جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي ۽ رابطا بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار ترقي رکندڙ منصوبا آندا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی