اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪم??ٽي جي اجلاس ۾ ريفائنري پاليسي 2023ع جي مُدي ۾ 6 مهينن جي واڌ، نجي شعبي جي ننڍي پاڻي منصوبن جي لاءِ اسٽينڊرڊ رائيزڊ سي??يورٽي ڊاڪيومينٽ، گلگت بلتستان ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ڪم??ٽي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪ??پن??ن جي صلاحيت وڌائڻ، بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بلن جي وقت سر وصولي جي لاءِ ڊسڪوز سپورٽ يونٽ قائم ڪرڻ ۽ ختم ٿيل مُدي وارن بلن جي وصولي جي لاءِ ترغيبي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪم??ٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احسن اقبال، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، اوگرا چيئرمين مسرور خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ پيٽروليم ??يفائنريز جي شعبي جي ترقي ۽ ان ۾ ٻاهرئين سي??پڪاري ۾ اضافي جي لاءِ وڏو قدم کنيو آهي. وزيراعظم جي سربراهي ۾ ڪم??ٽي موجوده ريفائنريز جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان ريفائنري پاليسي 2023ع جي مُدي ۾ 6 مهينن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪم??ٽي پيٽروليم واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ قائم آئل ريفائنريز کي اعتماد ۾ وٺي انهن جي ترجيحي بنيادن تي اپ گريڊيشن جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي. ڪم??ٽي کي بجلي جي شعبي جي جولاءِ 2023ع کان مئي 2024ع جي گردشي قرضن جي تفصيلي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مئي 2024ع تائين بجلي جي شعبي جي گردشي قرضن جو ڪاٿو 2655 ارب رپيا رهيو. ڪابينا ڪم??ٽي نجي شعبي جي ننڍي پاڻي منصوبن جي لاءِ پاور پاليسي 2015ع تحت اسٽينڊرڊ رائيزڊ سي??يورٽي پئڪيج ڊاڪيومينٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان قدم جو مقصد بجلي جي شعبي ۾ نجي سي??پڪاري جو فروغ ۽ ٽيرف ۽ ٻين معاملن کي جلد اڪلائڻ آهي. وزيراعظم گلگت بلتستان جي عوام جي بجلي جي فراهمي جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جو فيصلو ڪندي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حڪمت عملي جي لاءِ هڪ ڪم??ٽي قائم ڪري ڇڏي. بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪ??پن??ن جي صلاحيت وڌائڻ، بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بلن جي وقت سر وصولي جي لاءِ ڪم??ٽي ڊسڪوز سپورٽ يونٽ قائم ڪرڻ جي پڻ م??ظوري ڏئي ڇڏي. ڊسڪوز سپورٽ يونٽ جو مُدو وفاقي ڪابينا کان منظوري کان وٺي ٻن سالن تائين جو هوندو. ڊسڪوز سپورٽ يونٽ جي شروعات ملتان اليڪٽرانڪ پاور ڪ??پن?? (ميپڪو) کان ڪئي ويندي. ڪم??ٽي بجلي جي غير ادا ٿيل ۽ ختم عيل مُدي وارن بلن جي وصولي جي لاءِ ترغيبي پئڪيج جي پڻ م??ظوري ڏني. ان پئڪيج تحت بجلي جي غير ادا ٿيل ۽ ختم ٿيل مُدي وارن بلن جي وصولي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڊسڪوز جي اهلڪارن کي انعام سان نوازيو ويندو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس، ريفائنري پاليسي 2023ع جي مُدي ۾ 6 مهينن جي واڌ، ختم ٿيل مُدي وارن بلن جي وصولي جي لاءِ ترغيبي پئڪيج جي منظوري
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا