اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) ق??نو?? ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو به چئلينج درپيش ناهي، حڪومت وٽ 209 ميمبرن جي واضح اڪثريت موجود آهي، ظاهر ۾ عدلت آرٽيڪل 51 ۽ 106 جي تشريح بدران انهن کي ٻيهر لکيو آهي، ان فيصلي جي ڪ??ي ڪيترائي ق??نو??ي ۽ آئيني مونجهارا پيدا ٿيا آهن، پي ٽي آءِ کي اهو رليف مليو جيڪو هن گهريو ئي نه، وفاقي ڪ??بينا جي فيصلي ۽ متاثر سياسي پارٽين جي مشاورت جي روشني ۾ نظرثاني اپيل بابت فيصلو ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽن بابت فيصلي کانپوءِ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ق??نو?? ۽ انصاف واري وفاقي وزير چيو ته فيصلي سان ڪيترائي ق??نو??ي ۽ آئيني جهولن ۽ سوالن جنم ورتو آهي، آرٽيڪل 51 تحت ٽن ڏينهن جي شرط جو ڇا ٿيندو؟ تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن جو موقف هو ته مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ملڻ گهرجن، ظاهر ۾ عدالت آرٽيڪل 51 ۽ 106 جي تشريح بدران ان کي ٻيهر لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ??ن چيو ته مخصوص سيٽن بابت ق??نو?? موجود آهي، سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي وڃي سگهن ٿيون، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ته ڌر ئي نه هئي، تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن کٽڻ کانپوءِ ڪنهن فورم سان رابطو ئي نه ڪيو، سني اتحاد ڪائونسل غير مسلم کي پنهنجو ميمبر تسليم نٿي ڪ??ي تنهن ڪري ان جي منشور موجب کين اقليتي سيٽون نه ملڻ گهرجن. اعظم نذير تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف ڪڏهن نه چيو ته سندس پارٽي کي مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن. ان عدالتي فيصلي جي دائري اختيار جو ڪو به مثال نٿو ملي، ان فيصلي جي ڪ??ي ڪيترائي جهول پيدا ٿيا آهن، ظاهر آهي ته ان تي آئيني ۽ ق??نو??ي ماهرن جي راءِ سامهون ايندي رهندي. تفصيلي فيصلو اچڻ تائين وڌيڪ راءِ ڏيڻ ممڪن ناهي. ??ن چيو ته نظرثاني اپيل بابت آئون ذاتي طور تي راءِ نٿو ڏئي سگهان، هي معاملو وفاقي ڪ??بينا ۾ پيش ڪيو ويندو، ان جي فيصلي کانسواءِ نٿو چئي سگهان ته نظرثاني اپيل داخل ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته بهترين عدالتي فيصلا اهي ئي هوندا آهن جن تي چپ نه چرن، عدالتي فيصلي سبب جهول ۽ سوال جنم ورتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ??ن چيو ته ان آئيني معاملي کي سياست سان نه جوڙيندس، حڪومت وٽ 209 ميمبرن جي اڪثريت موجود آهي، بجيٽ اجلاس ۾ به حڪومتي بينچن ۾ ميمبرن جي اڪثريت هئي. ق??نو??ي ڪ??رروائي بابت سوال جي جواب ۾ ??ن چيو ته سياسي پارٽين جي مشاورت سان نظرثاني اپيل ۽ ق??نو??ي ڪ??رروائي جو فيصلو ڪيو ويندو. سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي مجلس عامه ۾ ويهي به ان معاملي کي ڏسنديون. ??ن چيو ته پي ٽي آءِ کي اهو رليف مليو جيڪو هن گهريو ئي نه.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو به چئلينج ناهي: وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : بونانزا