اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تهران ۾ حماس پوليٽيڪل بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه تي حملي کي عالمي قانونن کي پيرن هيٺان لتاڙڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سميت پوري دنيا ??ن دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت ڪئي آهي، نيتن ياهو ۽ اسرائيلي فوج کلي عام وحشيت ۽ تباهي برپا ڪرڻ تي لهي آيا ??هن، اها صورتحال ترقي يافته قومن جي لاءِ پڻ هڪ چئلينج آهي. هو فلسطين جي صورتحال بابت اتحادي پارلياماني پارٽين جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ رت جي هوليءَ کيڏي پئي وڃي، گذريل 9 مهينن کان هيستائين ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ڪيا ويا ??هن، اسپتالن کي مڪمل طور تي تباهه ??يو ويو آهي ۽ روزانو غزه ۾ لاش ڪيرايا پيا وڃن، شهرن جا شهر ۽ پاڙن کان پاڙا زمين بوس ڪيا ويا ۽ روزانو ٽيليويزن تي اهڙا دل ڌوڏيندڙ منظر ڏسڻ لاءِ ملن ٿا جو ??اريخ ۾ اهڙي طرح جا واقعا شايد ئي ڪڏهن ڪنهن ڏٺا هجن. وزيراعظم چيو ته ڪالهه تهران ۾ جيڪو واقعو ٿيو آئون سمجهان ٿو ته پوري دنيا ??ن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، ايران جي علائقائي حدن جي خلاف ورزي ڪندي راڪيٽ جي حملي ذريعي اسماعيل هانيه کي شهيد ??يو ويو ۽ ان حوالي سان عالمي قانونن کي پيرن هيٺان لتاڙيو ويو، ڪنهن شيءَ جو لحاظ نه ??يو ويو ۽ اسماعيل هانيه جنهن جا ٻار ۽ پوٽا به اڳ ۾ شهيد ڪيا ويا، هاڻي کيس شهيد ??يو ويو، اهڙي قسم جي سفاڪي جو مثال نٿو ملي، پاڪستان سميت ترڪيه، چين، روس، ملائيشيا ۽ قطر پاران ان واقعي جي پرزور مذمت ڪئي وئي، ان واقعي تي پوري دنيا ??وئڻهارڪي آهي، اهڙي قسم جي وحشيت تي دنيا ??يڪڏهن خاموش رهي ته اهو فڪر جو لمحو آهي. وزيراعظم چيو ته ان واقعي تي اسان کي قوم جو ??واز بڻجي ان جي عڪاسي ڪرڻي آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جي ان??هاپسندي ۽ دهشتگردي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ هوندي، عالمي ادارن غزه جي صورتحال تي جيڪي قراردادون منظور ڪيون آهن، اسرائيل پاران ان جون ڌڄيون اڏايون ويون. هن ان??اف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته ان??اف جي عالمي عدالت اسرائيلي ڏاڍ کي نسل ڪشيءَ قرار ڏنو آهي ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي، ان جي باوجود اسرائيل جا هٿ نه روڪيا ويا، نيتن ياهو ۽ اسرائيلي فوج کلي عام وحشيت ۽ تباهي برپا ڪرڻ تي لهي آيا ??هن، اها صورتحال ترقي يافته قومن جي لاءِ پڻ هڪ چئلينج آهي ته ڪهڙي طرح ان کي منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته آئرلينڊ ۽ اسپين جا ٿورائتا آهيون جن ان مسئلي کي اٿاريو ۽ ٻه رياستي حل جي حمايت ڪئي آهي، مون آئرلينڊ جي وزيراعظم کي ٽيليفون ڪري ان جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم پاران تهران ۾ حماس پوليٽيڪل بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه تي حملو عالمي قانونن کي پيرن هيٺان لتاڙڻ برابر قرار، نيتن ياهو ۽ اسرائيلي فوج کلي عام وحشيت ۽ تباهي برپا ڪرڻ تي لهي آيا آهن: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات