اسلام آباد -03 آگسٽ (اي ??ي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ شهزاد خان قومي خابرو اداري اي ??ي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسمان?? رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي تحقيقات?? اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث خان (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر) مصور عمران (ڊپٽي ڊ??ئريڪٽر) ۽ سعد مدثر (چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي 3 ڏينهن جو جسمان?? رمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪري، موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ گهربل آهي، انهن جو 14 ڏينهن جو جسمان?? رمانڊ منظور ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران اي ??ي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته جوابدار پروڪيورمينٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا. هنن جعلسازي ڪري سرڪاري ناڻي کي 124 ملين رپين جو نقصان پ??چا??و. جوابدارن کان سرڪاري رقم رڪور ڪرڻ لاءِ جسمان?? رمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسمان?? رمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسمان?? رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.
اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں