اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيندي چيو آهي ته ان سان ??مه????يت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اٽارني جنرل پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتح??ل تي مشاوت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. وزيراعظم پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ان سان ??مه????يت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين کي ساراهيو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن