اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان ۾ اليڪٽرانڪ اوزارن سان ڌماڪن وسيلي ٿيندڙ حملن جي ??خت مذمت ڪندي چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪن ۾ دهشتگردي جي لاءِ سائبر ۽ اليڪٽرانڪ ذريعن جو استعمال مذمت جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان هلندڙ ??فتي لبنان ۾ اليڪٽرانڪ اوزارن جي ڌماڪن ذريعي ڪيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ٻاهرئين ملڪن ۾ دهشتگردي جي لاءِ سائبر ۽ اليڪٽرانڪ ذريعن جو استعمال مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته دهشتگرد حملا خطي ۾ اسرائيل جي خطرناڪ مهم جوئي جو مظهر آهن جنهن سان امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي ح??ايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو اسرائيل کي ان جي عالمي دهشتگردي جي ڪاررواين ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي جي لاءِ جوابده بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان هن سال 19 جولاءِ تي پيش ڪيل آءِ سي جي جي مشاورتي راءِ تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ۽ آءِ سي جي جي مشاورتي راءِ کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد جي آجيان ڪئي. هن غزه ۾ هڪ اسڪول ۽ پناهگيرن جي پناهگاهه تي اسرائيلي فضائي ح??لن جي مذمت ڪندي چيو ته پناهگير ڪئمپن سميت هدفن تي اهڙي طرح جا حملا آءِ سي جي جي عارضي قدمن جي روح جي پڻ خلاف ورزي ڪن ٿا جن ۾ غزه جي ماڻهن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري خدمتن ۽ انساني امداد جي فراهمي پڻ زور ڏنو ويو هو.
پاڪستان پاران لبنان ۾ اليڪٽرانڪ اوزارن سان ڌماڪن وسيلي ٿيندڙ حملن جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین