اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 7 آڪٽوبر تي غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار معصوم م??لم??ن ڀينرن ڀ??ئرن سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ي ميزباني ۾ آل پا??ٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ موجوده سياسي پا??ٽين جو غزه ۽ فلسطينين سان قومي سطح تي يڪجهتي جي اظهار جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ معصوم فلسطينين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ فلسطيني ڀينرن ڀ??ئرن جي حق ۾ آواز اٿارڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ميزباني ۾ آل پا??ٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ 7 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار معصوم م??لم??ن ڀينرن ڀ??ئرن جي لاءِ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي فلسطين يڪجهتي ڏهاڙي ۽ آل پا??ٽيز ڪانفرنس جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، شيري رحمان، خواجه سعد رفيق ۽ نيئر بخاري شامل هوندا. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته 7 آڪٽوبر تي سڄي پاڪستان ۾ فلسطيني ڀينرن ڀ??ئرن سان يڪجهتي ۽ انهن تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿارڻ جي لاءِ ميڙاڪا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا، آل پا??ٽيز ڪانفرنس ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ??رڪت ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري فلسطين ۽ غزه ۾ جاري معصوم م??لم??نن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي سان يڪجهتي ڏهاڙي تي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ جماعت اسلامي جي غزه ۽ فلسطين ۾ جاري معصوم م??لم??ن ڀينرن ڀ??ئرن جي حق ۾ يڪجهتي جي موقف کي ساراهيو ويو. ملاقات ۾ جماعت اسلامي جي امير ۽ وفد وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير ۾ فلسطينين تي جاري اسرائيلي ظلمن جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير شروع ڪرڻ تي وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد جي واڪ آئوٽ کي ساراهيو.
وفاقي حڪومت پاران سڄي ملڪ ۾ 7 آڪٽوبر تي غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ ۽ وزيراعظم جي ميزباني ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ