اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف ??ورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف ??ورنمينٽ جي موجوده چيئر جي حيثيت سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سي ايڇ جي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته اسان شنگهائي تعاون تنظي?? جي ميمبر ملڪن، مبصر رياست منگوليا، ترڪمانستان بطور خصوصي مهمان ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن بشمول ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه (سي آءِ ايس) ۽ يورپي اڪانومڪ ڪميونٽي (اي اي سي) جي ميمبرن سان اعليٰ سطحي شرڪت جي اميد رکون ٿا. ترجمان چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف ??ورنمينٽ جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ تنظي?? جي ڪ??رڪ??دگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي تعاون تنظي?? جي قيادت ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظي?? جي بجيٽ جي منظوري جي لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان 2017ع ۾ ميمبر بڻجڻ ک??نپ??ءِ کان شنگهائي تعاون تنظي?? جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سٺي پاڙيسري لاڳاپن ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مستقل ۽ تعميري ڪم ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان پاران ڪائونسل آف هيڊز آف ??ورنمينٽ جي ميزباني شنگهائي تعاون تنظي?? جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ ”شنگهائي جذبي“ جي قدرن جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عز?? جي عڪاسي ڪري ٿي.
پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي ميزباني ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis