اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان- قازقستان وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ ٻه طرفه ??اڳاپن کي و??يڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان، قازقستان ??ان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزن ڪذافستان ??ان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان قازقستان وچ ۾ گڏيل لاڳاپا مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي ٻَڌل آهن. اسپيڪر چيو ته پارلياماني رابطا ۾ واڌ ٻه طرفن لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ قائم پاڪ- قازقستان پارلياماني فرينڊشپ گروپ ٻه طرفن پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان قازقستان سميت وچ ايشيائي رياستن ??ان اقتصادي لاڳاپن کي و??يڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ لاءِ گوادر ويجهي بندرگاهه آهي. اسپيڪر اسلام آباد ۾ منعقد ايس سي او ڪانفرنس ۾ قازقستان جي وزيراعظم جي شرڪت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دؤرن ??ان ٻه طرفه ??اڳاپا و??يڪ مستحڪم ٿيا آهن. ان موقعي تي قازقستان جي سف??ر چيو ته قازقستان پاڪستان ??ان پنهنجن ويجهن دوستاڻن ناتن کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو، پارلياماني رابطن ۾ واڌ ??ان ٻه طرفه ??اڳاپا و??يڪ مستحڪم ٿيندا. سفير ايس سي او ڪانفرنس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ـ چيو ته ايس سي او ڪانفرنس جي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي ڏور رس نتيجن مرتب ٿيندا. قازقستان جي سفير اسپيڪر کي پارلياماني وفد ??ان گڏ قازقستان جي دؤري جي دعوت به ڏني.
پاڪ- قازقستان پارلياماني رابطا ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی