اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان جمهوريه ترڪي?? جي سفير عرفان نذير اوگلو ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي روشن وڌي وئي ۽ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ بچاءَ جي شعبن ۾ و??ندڙ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿئي. سينيٽر محمد اورنگزيب، عرفان نذير اوگلو کي سندس سفارتي ذميدارين تي ??ليڪار چيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن واشنگٽن ڊي سي ۾ هاڻوڪي ورلڊ بئنڪ گروپ/آءِ ايم ايف جي سالياني ميٽنگ 2024ع دوران ترڪي?? جي ناڻي واري وزير مهمت شمشيڪ سان ٿيل پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاور سيڪٽر جي سڌارن جي حوالي سان ترڪي?? جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا امڪان بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير ترڪي?? جي ڪمپنين کي پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن جي اڇ ڪئي جنهن سان بنهي ملڪن کي گڏيل فائدا حاصل ٿيندا. ترڪ سفير پاڪستان جي معاشي سڌارن کي ساراهيو ۽ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ