اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي، نياڻين کي معياري ۽ هڪجهڙن تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ جامع قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. وزيراعظم شهباز شريف نياڻين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ مسلمان ملڪن جي تعليم واري وزيرن سان ملاقات جي موقعي تي انهن جي آجيان ڪندي چي?? ته نياڻين جي تعليم واري پروگرام ۾ شرڪت تي اوهان جو ٿورائتو آهيان، هي ڪانفرنس وقت جي اهم ضرورت ??هي. هن چي?? ته مون پنهنجي خطاب ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان پا??ستان کي درپيش مسئلن تي روشني وڌي ??هي. هن چي?? ته 22.8 ملين ٻار اڃان تائين اسڪول کان ٻاهر آهن، جن ۾ نياڻين جي اڪثريت ??هي. پا??ستان جا سمورا صوبا ۽ ٻيا علائقا ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا جي حوالي سان جامع ڪوششون ڪري رهيا آهن پر ڪن سببن جي بنياد تي اسڪولن ۾ نياڻين جي داخلا هڪ وڏو چئلينج ??هي. هن چي?? ته اڄوڪي ڪانفرنس ۾ اسلامي ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو ويو ??هي. وزيراعظم چي?? ته نياڻين جي تعليم جي هدايت اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ??ه ڪئي. ان تعليم جي روشني ۾ اسان جي حڪومت ٻين ملڪن جي تعليم وارن وزيرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان پنهنجا تجربا شيئر ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم ??هي. هن چي?? ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ڪرائڻ سان نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ اهي اسلامي ملڪن ۾ پنهنجي خاندانن ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪنديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ملڪن جي وزيرن سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو تعارف ڪرائيندي چي?? ته نائب وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ سندس پوري ٽيم ڀرپور ڪوشش ڪري رهي ??هي. هن چي?? ته هڪ اعليٰ سطح جي ڪميٽي تعليم، خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ صوبن کي مدد به فراهم ڪري رهي ??هي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي چي?? ته هي هڪ اهم موقعو آهي ته اسان پنهنجي لاڳاپن کي وڌائي انهن کي استحڪام ڏيون. تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مقبول صديقي ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ منعقد ڪرڻ جي حوالي وزيراعظم جي ڪردار تي پنهنجي ۽ پنهنجي پوري ٽيم کانسواءِ ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن طرفان به ٿورو مڃيو. ترڪيه جي تعليم واري وزير ڪانفرنس ڪرائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪون ڏنيون ۽ ان اميد جو اظهار ڪي?? ته ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ سان نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ناڪاري پروپيگنڊا جو به ازالو ٿيندو ۽ نياڻين جي مٽاسٽا جي شرح ۾ واڌ ٿيندي. ملاقات ۾ شريڪ صوماليه جي وزير پنهنجي تعليم دوران پا??ستان ۽ پا??ستان جي ترقي جي حوالي سان ڳالهائيندي چي?? ته پوري عالم ??سلام ۽ خاص ڪري صوماليه ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان مسئلا آهن. هن چي?? ته اسان جي ملڪ ۾ به ٻارن جو وڏو انگ اسڪولن کان ٻاهر آهي، مان ٻين ملڪن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ آهيان. هن چي?? ته مسلم ??مت جي حوالي سان پا??ستان جو ڪردار ساراهه جوڳو ??هي. ڪرغزستان جي تعليم واري وزير ملاقات دوران ڳالهائيندي چي?? ته نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪانفرنس ۽ ان جي ايجنڊا انتهائي اهم ??هي. هن چي?? ته پا??ستان سمورن مسلم ملڪن لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي ۽ اسان سڀني ملڪن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. ملائيشيا جي تعليم واري وزير چي?? ته پا??ستان جي وزيراعظم، تعليم وارو وفاقي وزير ۽ رابطا عالم ??سلامي اهم ڪانفرنس ڪرڻ تي مبارڪن جا حقدار آهن. هن چي?? ته هي ڪانفرنس تعليم ۽ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. موجوده حالتن ۾ نياڻين جي تعليم وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي، هن ڪانفرنس کي وزيراعظم جي خطاب کي به ساراهيو. مالديپ جي تعليم واري وزير شميم علي سعيد ڳالهائيندي چي?? ته مان پا??ستان ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. گمبيا جي تعليم واري وزير پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پا??ستان جي ميزباني تي ٿورو مڃيندي چي?? ته هي ڪانفرنس نياڻين جي تعليم جي حوالي سان انتهائي اهم ??هي. هن چي?? ته ڪانفرنس جي بندوبست سان تعليم جي حوالي سان مسلم ??مت جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. مالديپ جي ڊاڪٽر احمد عديل اخير ڪانفرنس تي وزيراعظم، حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي چي?? ته دنيا ۾ اسلام جي مثبت سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ پا??ستان هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي ڪانفرنس به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي ??هي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي چي?? ته مان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جي پا??ستان ۾ آجيان ڪريان ٿو، هن چي?? ته وزيراعظم ڪانفرنس کي خطاب ۾ هدفن جو تفصيلي ذڪر ڪيو ??هي. هن چي?? ته تعليم ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان ٻين ملڪن سان سهڪار جا خواهشمند آهيون. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سميت ٻيا اعليٰ عملدار به شريڪ هئا.
عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب