دمشق -03 جولاءِ (اي پي پي) شام ۾ پاڪستان جي سفير شاهد اختر چيو آهي ته شام پاڪستان ۾ صنعتي شعبي جي ترقي مان فائدو کڻي ??گهي ٿو. شام جي خابرو اداري سانا مطابق انهن خيالن جو اظ??ار هن دمشق چيمبر آف انڊسٽري جي چيئرمين غ??وان المصري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار کي ترقي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري ۽ شراڪتداري جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني سفير چيو ته شام پاڪستان ۾ دوائن، طبي مواد، جراحي جي اوزارن ۽ ڏندن جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن سان گڏ زرعي سامان، ڳري مشينري ۽ راندين جي سامان جي تياري ۾ هن وقت تائين ڪيل ترقي مان فائدو کڻي ??گهجي ٿو. دمشق چيمبر جي عمارت ۾ ٿيل ملاقات دوران غ??وان المصري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چيمبر پاڪستان سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي، ان کان علاوه دمشق چيمبر ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ صنعتڪارن وچ ۾ رابطي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ هر ضروري سهولت فراهم ڪندو. هن مختلف فورمن تي پاڪستان طرفان شام جي حمايت کي ساراهيو.
شام ۾ پاڪستان جي سفير جي دمشق چيمبر جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب