ليما-15 نومبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ليما ۾ ايوان صدر ۾ پيرو جي صدر دينا بولوارٽ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب شي جن پنگ جو پيرو جو ٽيون دورو آهي ۽ هڪ سال ۾ پيرو جي ص??ر سان سندس ٽئين ملاقات آهي. ملاقات دوران چيني صدر چيو ته ٻئي ملڪ هميشه هڪٻئي جو احترام ۽ هڪٻئي ??ي ڀروسو ڪندا آهن. 53 سال اڳ سفارتي لاڳاپن جي قيام کانپوءِ چين ۽ پيرو ٻطرفن لاڳاپ?? کي برقرار رکيو آهي. ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان سکندي اڳيان وڌي رهيا آهن، چين ۽ پيرو چين- لاطيني آمريڪا عملي سهڪار جي معيار ۽ ان جي اپ گريڊيش?? کي هٿي وٺرائڻ چاهين ٿا. صدر شي جن چيو ته چيو ته پيرو سان پنهنجي روايتي دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ح??الي سان پڻ ڳالهيون ڪيون ويون.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado