ڪوالالمپور-28 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته ملڪ جي 6 رياستن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب 37 ه??ار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته انهن ماڻهن جي رهائش لاءِ عارضي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿائيلينڊ جي سرحد سان لاڳاپيل اتر اوڀر ر??است ڪيلانٽن ٻوڏ سبب سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿي آهي جتي 9 ه??ار کا?? وڌيڪ ڪٽنب متاثر ٿيا آهن. هن ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي سمورن وفاقي ۽ رياستي اد??رن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي رهائش جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته هر سال آڪٽوبر کان مارچ تائين سانوڻي جي برساتن دوران ملائيشيا جي اوڀر طرف سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ٻوڏ اچڻ معمول جي ڳالهه آهي جتي هر سال هزارين ماڻهو بي گهر ٿيندا آهن.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ