گڏيل قومون – 02 جنوري (اي پي پي) گڏيل ق??من تنبيهه ڪئي آ??ي ته غزه ۾ اسپتالن ۽ پسگردائي ۾ اسرائيل جي مسلسل بمباري ۽ گهيراءُ هيٺ فلسطيني علائقي جي ??حت جي نظام کي تباهي جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل ق??من جي انساني حقن جي آ??يس 12 آڪٽوبر 2023ع کان جون 2024ع وچ ۾ ٿيل حملن بابت رپورٽ ۾ چيو آهي ته عزه تي اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ فلسطيني عوام کي طبي سهولتن تائين پهچ تي سنگين اثر پيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو ته غزه ۾ ??حت جي نظام جي تباهي ۽ انهن حملن ۾ مريضن، عملي ۽ ٻين شهرين جي فوتگين جو ايترو انگ بين الاقوامي انساني ۽ انساني حقن جي قانونن کي نظر انداز ڪرڻ جو سڌي ريت نتيجو آهي. رپورٽ ۾ 27 اسپتالن ۽ 12 ٻين طبي مرڪزن تي 136 حملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جن ۾ ڊاڪٽرن، نرس??، طبي عملي ۽ ٻين شهرين جو جاني نقصان ٿيو. رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آ??ي ته انهن حملن شهري بنيادي ڍانچي کي جيڪڏهن مڪمل تباهه ناهي ڪيو ته ڪافي نقصان پهچايو آهي. گڏيل ق??من جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو ته غزه ۾ اسرائيل جي مسلسل بمباري ۽ سنگين انساني صورتحال سبب واحد پناهگاهه جتي فسلطينين کي محفوظ محسوس ڪرڻ چاهيون پيا، حقيقت ۾ موت جو ڄار بڻجي وئي. ٻئي پاسي گڏيل ق??من چيو آهي ته ان ٻن مهينن ۾ اتر غزه ۾ شهرين تائين امداد پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسرائيلي گهيراءُ سبب ڪا پهچ حاصل ناهي ٿي.
غزه ۾ اسپتالن تي اسرائيلي حملن سبب صحت جو نظام مڪمل تباهي جو شڪار ٿي ويو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری