راولپنڊي – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعا??، نشريات ۽ ثقافتي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان هر شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، وزيراعظم جي قيادت ۾ دهشتگردي تي ضابطو آندو ۽ راندين جا ميدان آباد ڪيا. عمران خان راندين جي ترقي راولپنڊي ۾ يونين ڪائونس?? جي سطح تي اچي ڏسي، تنقيد ڪندڙ پنجاب جي ترقي کي ڏسي تنقيد وساري ويهندا، جيڪي صرف سياست ڪرڻ آيا هئا انهن کي واپس اچڻ جي وري توفيق ناهي ٿي،وزيراعظم قومي صحت پروگرام پاڪستان ۽ ايشيا جو وڏو پروگرام آهي، پرائم من??ٽر ايجوڪيشن پروگرام مثالي پروگرام آهي، پوري دنيا پاڪستان جي ترقي ۽ ادارن ۾ بهتري جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ 3 کان 4 ڪلاڪن تائين رهجي وئي آهي، 30 سالن جي ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ايترن من??وبن تي ڪم ناهي ٿيو جيترو گذريل سال ساڍا ٽن سالن ۾ ٿيو آهي، سمورا من??وبا هن سال ۽ ايندڙ سال ??ي آغاز ۾ مڪمل ٿي ويندا، هي من??وبا پاڪستان جي عوام ۽ سمورن صوبن جي لاءِ آهن، بلوچستان کي اقتصادي راهداري جو تحفو ڏنو آهي، سنڌ ۾ موٽر وي، گرين لائين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي جو من??وبو به جاري آهي، خيبرپختونخوا ۾ به تيزي سان موٽر وي بڻجي رهي آهي، ٻين صوبن ۾ به پنجاب جيئن ترقي چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻي شهباز شريف ٽي 20 ڪرڪيٽ جي فائن?? جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو.
وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان هر شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ