اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، ن??ريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قانون جا ٻ?? معيار نه ٿا ٿي سگهن، ج??هن انصاف ٿيندو نظر نه اچي ته سوال ته اٿن ٿا، هڪ چونڊيل وزيراعظم کي اقامي جي بنياد تي گهر موڪليو ويو، ان تي ڪرپشن جو ڪو الزام نه آهي نه ئي ڪرپشن جو ڪو ثبوت مليو پر ??اڻي الزام ۽ ثبوت ڳوليا پيا وڃن. احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته هڪ اشتهاري جيڪو 2 سالن کانپوءِ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ان کانپوءِ به ان جو فيصلو محفوظ ڪيو وڃي ٿو، گذريل درخواست جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ وئي هئي ان کي تسليم به ڪيو وڃي ٿو.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر