اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) بجلي جون قيمتون برقرار رکندي اضافي جو فيصلو ملتوي ۽ کنڊ جي درآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، سعودي عرب جي اعليٰ سطحي وفد جو پاڪستان جو ??ورو جاري آهي، جنهن ۾ اهم سيڙپڪاري جا فيصلا ٿي رهيا آهن، هلندڙ مهيني ۾ سعودي عرب جي وفد جو هڪ ٻيو دورو به ٿيندو، اسحاق ڊار جي جائيداد بابت ??دا??تي فيصلي کانپوءِ حڪومت چورن سان چورن جهڙو ئي سلوڪ ڪندي، رانا مشهود ??ان پٽواري يا ٿاڻي جي ايس ايڇ بابت پڇيو وڃي، کيس ڪهڙي خبر ته ڳالهيون ڇا ٿينديون آهن، ايف بي آر نان فائلرز جي خلاف وڏي پئماني تي آپريشن شروع ڪ??ي ڇڏيو آهي، عياشي واري زندگي گذاريندڙن کي هاڻي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، موجوده حڪومت جي اها پاليسي آهي ته غريب کان وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي ۽ اميرن کان آمدني موجب ٽيڪس وصول ڪيو وڃي.هوُ ڪالهه اڱاري ڏينهن منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزير خسرو بختار سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.
اي سي سي بجلي جون قيمتون برقرار رکيون آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا