اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ اسان پاران پنهنجي انهن ڪشميري ڀا??رن ۽ ڀينرن سان مڪمل حما??ت جو ورجاءُ آهي جن کي 6 مهينن کان غيرانساني حراست ۽ مواصلاتي ناڪابندي جو نشانو بڻا??و پيو وڃي، اهڙيون ڊگهيون پابنديون جن جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، انهن نام نهاد ڀا??تي جمهور??ت جي فساني ۽ ان پاران بنيادي انساني قدرن جي بي لحاظي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڀا??ت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ قابض فوج هٿان 80 لک ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي قيد ڪري رکيو آهي، اهڙي بنيادي حقن جي پائمالي جا تاريخ ۾ گهٽ ئي مثال ملن ٿا، عالمي برادري ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن ۽ انهن جي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ ڀا??ت جي جارحاڻي ۽ جنجگو قدمن سان امن کي لاحق خطرن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جو ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن