پشاور – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي گورنر، وڏي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن کي صوبي جي متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي ح??ومت ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن جي ڀرپور مدد ڪري ??هي آهي ۽ اهو تعاون جاري ??هندو، موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو ڌيان وبا تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ لاچار طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي دوري ??ي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وز??ر محمود خان ۽ صحت وارو صوبائي وز??ر موجود هئا. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڪورونا وبا جي ڏس ۾ حڪومت جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا صوبي جي 6 ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي آهي.
وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔