اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر قوم کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ اها انهي ذميواري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري جهڙو هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيو، پاڪستاني قوم ڪيترن ئي هفتن تائين بهترين ڊسپلين جو مظاهرو ڪيو پر عيد کان اڳ شاپنگ ۽ بعد ۾ عيد تي ڊسپلين نه ڏٺو ويو، جيڪي ماڻهو ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا آهن اهي پنهنجي ??ندگين سان گڏوگڏ ٻين جي ??ندگين کي به خطري ۾ وجهي رهيا آهن، وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ طاقتور هٿيار حفاظتي تدبيرون آهن، اسان سڀني جي مجموعي ذميواري آهي ۽ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ٻڌل ڳالهيون نه پکيڙين، بنا تصديق جي ڪا به ڳالهه اڳتي نه پهچائين، حڪومت جي ??ڄ به ڪورونا جي ڦهلاءُ ۾ گهٽٽائي اولين ترجيح آهي پر مهينن ۽ سالن جي لاء?? قومن کي بند نه ٿو ڪري سگهجي، صحت جو نظام وڌائي رهيا آهيون، طبي عملي کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي، 27 مارچ کان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪم شروع ڪيو ??ڄ تائين هڪ ڏينهن به ناهي رُڪيو، دنيا ۾ عالمي ادارن به پاڪستان ۾ رليف ڪوششن کي سار??هي??، ڪوورنا وبا ۾ ڊاڪٽرن کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪم مشڪل آهي ته اهو پوليس جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اين سي او سي جي ??جلاس جي ??دارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
قوم انهي ذميواري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري جهڙو هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيو: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر