اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عظيم باڪسر محمد علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي، سندس طاقت ۽ حوصلو اڄ به ??وري دنيا جي ??اڻ??ن لاءِ مشعل راهه آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته محمد علي هڪ عظ??م رانديگر هو، نه رڳو ان لاءِ جو هو باصلاحيت، ذهين ۽ باهمت انسان هو، پر ان لاءِ جو سندس عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي عقيدي تي پورو لهندي هن پنهنجي راند جي زندگي جي بهترين سالن ۽ منافعو ڏيندڙ آمدني جي قرباني ڏني. سندس طاقت ۽ همت اڄ به ??وري دنيا جي ??اڻ??ن لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ ريڊيو رڪار??نگ پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ محمد علي جي پيشيواراڻي زندگي ۽ ٽي وي انٽرويوز دوران مختلف موقعن تي بيان ڪيل سندس زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم عمران خان پاران عظيم باڪسر محمد علي کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج